سلطان مقيم بيگلار جي نياڻي

سلطان مقيم بيگلار جي نياڻي: ڄامن سمن جي حڪومتي زوال کانپوءِ، جن خاندانن مرڪزي ايشيا مان لڏپلاڻ ڪري، سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي، انهن ۾ ’بيگلار‘ خاندان خاص اهميت رکي ٿو. ارغون حاڪمن کين نصرپور جو پرڳڻو جاگير ڪري ڏنو. هي پرڳڻو اوڀر ۾ عمرڪوٽ تائين پکڙيل هو. جاگيرداري ۽ سرڪاري زور تي ’بيگلار‘ خطي ۾ هڪ اهم طاقت ٿي اڀريا. 1555ع ۾ ارغونن جي زوال کانپوءِ ترخانن جي دؤر ۾ بيگلار ٺٽي جي حاڪمن سان جنگ لاءِ تيار ٿيا، ڪيئي معرڪا ٿيا، جيڪي ڪتابن ۾ نروار آهن. بيگلارن، نصرپور ۾ رهندي، سوڍن، سميجن ۽ راڻن سان مائٽيون ڳنڍي، مقامي طرح پاڻ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. هن خاندان ۾ ٽي فرد اهم ٿي گذريا: (1) امير شاهه قاسم خان زمان، (2) مير ابو القاسم سلطان، ۽ (3) سلطان مقيم. خان زمان جي اٺن پٽن جا نالا موجود آهن، جن ۾ سندس ٻيو نمبر مير مقيم سلطان خاص اهميت رکي ٿو. هو فصيح بيان، خوش طبع ۽ نرم مزاج شخص هو. هن 978هه/1570ع ۾ جنم ورتو ۽ 1033هه/1623ع ۾ وفات ڪئي. بيگلارن جو تاريخي قبرستان اڄ به ٽنڊي الهيار کان ٽنڊي آدم ويندڙ روڊ تي ’تورڪي‘ يا ’ٺوڙڪي‘ نالي سان موجود آهي. قبرن تي فارسي زبان ۾ ڪتبا موجود آهن، جيڪي اڪثر مردن جي قبرن تي نصب ڪيا ويا آهن. مير مقيم سلطان ٽي شاديون ڪيون: (1) علاؤالدين انڙ جي ڌيءَ سان، (2) قلعه ڪوٽڙيءَ جي پرٿوي راج جي ڌيءُ سان ۽ (3) عمرڪوٽ جي راڻي ميگهراج جي نياڻيءَ سان. مير مقيم کي ڇهه پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد هو. پير حسام الدين راشديءَ جي تحقيق موجب راڻي ميگهراج جي ڌيءُ مان هن کي هڪ نياڻي رعنا بيگ جي نالي سان ٿي. پير حسام الدين راشدي فارسي ڪتاب ’مثنوي چنيسر نامه‘ (سن: 1956ع) ڇپرايو، تڏهن سنڌي زبان ۾ لکيل مهاڳ ۾ بيگلار خاندان جي تاريخ، مشاهيرن ۽ شجري کي واضح طرح سان نشانبر ڪيائين. راشدي صاحب هڪ ڪتبي جو عڪس ڏيندي سلطان مقيم جي ڌيءُ جي قبر جي تصوير به ڏني آهي. هن مائي صاحبه جي ڪارنامن بابت ڪتاب خاموش آهن. هيءَ مزار پيلي پٿر جي آهي. قبر جي لوڙهه (پيرانديءَ) کان ڪتبو اڪريل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو